مدينه منوره – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مسجد نبوي ﷺ ويو جتي هن روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مسجد نبوي ﷺ جي ڀرپاسي عالمي ميلي ۽ سيرت نبوي ﷺ ۽ اسلامي تهذيب سان لاڳاپيل عجائب گهر جو دورو ڪيو. ميو??يم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي دوري جي موقعي تي تاريخي عجائب گهر بابت جامع بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جي زندگي ۽ تعليم سان گڏوگڏ اسلامي تهذيب کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم ميو??يم کي ساراهيندي اسلامي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني نگران وزيراعظم کي شيلڊ ۽ ڪتاب پيش ڪيا جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسلامي ورثي ۽ ??ڏي?? افهام تفهيم جي فروغ جي رشتي جي علامت آهي. مدينه منوره ۾ عالمي ميلي ۽ ميو??يم پيغمبر اسلام حضر?? محمد ﷺ جي زندگي ۽ اسلامي تهذيب نمايان ڪرڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. اهو ميو??يم نمائشن ۽ ملٽي ميڊيا تي پريزنٽيشنز سان گڏ هڪ عميق تجربو پيش ڪري ٿو ۽ پيغمبر اسلام حضر?? محمد ﷺ بابت تاريخ، اهم واقعن ۽ تعليم تي روشني وجهي ٿو، هن ميو??يم ۾ مختلف شعبن ۾ اسلامي تهذيب جي ڪاميابين کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ميو??يم بين المذاهب مقالمي، افهام تفهيم جي فروغ ۽ متنوع عقيدين ۽ گهرجن جي احترام جي فروغ جو مرڪز آهي.