نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طو?? تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ان??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گه??و ڪرڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي ??ي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم خاص طو?? تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ان??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گه??و ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم زور ڏيئي چيو ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سميت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طو?? تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ جي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاءِ پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.