اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي ??خالف ڌر اڳو??ڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي ??شوري سان نگران وزيراعظم جي ??قرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر چيو ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي جنهن جي ??تيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.