اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سلامتي، خودمختياري جي تحفظ، مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اه??يت ر??ند?? آهي، ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جنس بيورو جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي مقابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ ۾ آءِ بي اه?? ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي سان اضافي ٽاسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي سان حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ، دهشتگردي جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪيو، وقت سر اطلاعات جي فراهمي سان صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاند??ر ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي پيشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش?? کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ بي جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ بي جي شهيد?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اداري جون غيرمعمولي ڪاميابيون فخر جوڳيون ??هن?? ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ شهادت ماڻيندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتماد ۽ ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.