اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري و??اق?? وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان ۽ و??اق?? وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي و??قعي تي و??يراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪ??مت پاران شديد ر??عمل ۽ قدمن تي و??يراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪ??مت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي حڪ??مت جي ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي و??يراعظم اتحادي پارٽين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ اتحادين جي تعاون سان ممڪن ٿيو آهي.