اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023?? جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ??ل تحت وفاقي حڪومت گه?? ۾ گه?? 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023?? تحت گه?? ۾ گه?? 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. ??ل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپ??ءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.