ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيس??ري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيس??ري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ايو??رڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اعزاز ??ڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي ط??ف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايو??رڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن ايو??رڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاء?? سان ڪم ڪندو.