اسلام آباد – 24 ??? ف??بروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي ??زاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي ??زاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي ??سان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي ??وشي آهي ته اهي پاڪستاني شهري آ??رڪ??ر پن??نجي خاندان سان مليا آهن.