اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائين کي گڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداء?? جمهوريت جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذو??لف??ار علي ڀٽو ??لڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ذو??لف??ار علي ڀٽو جي امانت آهي، ??لڪ جو آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو ??لڪ جي غريب طبقي جو آواز بڻيو. هن چيو ته هر آمراڻي دور ۾ پاڪستان جي آئين جي لاءِ ڏکيو امتحان رهيو، اڄ اسان جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو به هڪ امتحان آهي، ??لڪ جي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، ??لڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا. پرڏي??ي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ??لڪ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ??لڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ??لڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا، تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين ٽوڙيو ويو ??لڪ کي نقصان کڻڻو پيو.