اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن کي فجر کان ظهر تائين ??سڪ??ل طور استعمال ??رڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ??سڪ??لن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ م??ڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ??رڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. ان موقعي تي پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف ۽ اين سي ايڇ ڊي جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. صدر ملڪ جي رڳو 68 سيڪڙو ٻارن جي پرائمري سطح تي ??سڪ??لن ۾ داخلا جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??سڪ??لن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ??رڻ جي ضرورت آهي، عوام ۽ م??ڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته ??سڪ??لن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين بطور ??سڪ??ل استعمال ??ري سگهجي ٿو، جتي ممڪن هجي تعليم جي هائبرڊ طريقن کي استعمال ??رڻ گهرجي. صدر مقامي سطح تي تعليم جي فراهمي، رسمي ۽ غيررسمي تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي پرگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي قابل قدر هنر فراهم ??رڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز اختيار ڪيا وڃن، پروفيشنل ماڻهن مان ملڪ ۾ ئي فائدو کڻڻ جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي ضرورت آهي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آءِ ٽي ماهرن سميت ٻين شعبن ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي ذهانت، علم ۽ م??ارت کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته قيمتي انساني وسيلن جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم ضروري آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ حصو وجهي رهيا آهن، آن لائين ۽ هائبرڊ پليٽ فارمز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي علم ۽ م??ارت مان پاڪستان ۾ فائدو حاصل ??رڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خاندان جي وڏي سائيز کي ڄم روڪ جي دوائن جي دستيابي، تعليم ۽ معاشي حالت بهتر بڻائي مناسب وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽ ??ري سگهجي ٿو. صدر استادن ۽ صحت جي ڪارڪنن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت ۾ اين سي ايڇ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. هن غربت جي خاتمي لاءِ اداري جي ڪوششن، تحقيقي مطالعن ۽ ڊيٽا گڏ ??رڻ ۽ عالمي وسيلن کي متحرڪ ??رڻ ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ اين سي ايڇ ڊي کي قومي مقصد حاصل ??رڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.