اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرندڙ ملڪن جي تنظيم جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي ڪيوبا جي حوالي ڪري ڇڏي. 134 رڪني گروپ جي چيئرمين شپ جي ??نتقلي جي ??رسٽي شپ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي پاڪستان جي ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڊيو خطاب ڪيو. هن چيو ته هو گروپ جي چيئرمين شپ ڪيوبا جي ??م منصب ۽ پنهنجي دوست بر??نوروڊ ريگوئيز پارلا کي منتقل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??يادت ۾ اسرندڙ ملڪن جي ??ٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي گڏيل عزم ۽ اتحاد تي ٻڌل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پرڏيهي وزير جي خطاب کانپوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم گروپ جو ”گريول“ ڪيوبا جي ??رڏيهي وزير جي حوالي ڪيو. گروپ جي ??ئين چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ 2022ع دوران گروپ جي شاندار قيادت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ان گروپ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ هن گروپ جي چيئرمين شپ 14 جنوري 2022ع تي سنڀالي هئي. پاڪستان جي چيئرمين شپ جي ??دي دوران گروپ ترقي کي گڏيل قومن جي ايجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏياري ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا، ماحولياتي تبديلين جي ??ڌندڙ منفي اثرن، اقتصادي عدم توازن، قرضن جي بحران، مهانگائي، غذائي عدم تحفظ ۽ تڪرارن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ان کان اڳ 3 ڀيرا گروپ جي ??يادت ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ??يادت ۾ گروپ مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اهم معاهدن ۽ منظم ردعمل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ فورم ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جو معاهدو، اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي طريقن تي بحث، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وڏي اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي معاملن تي اتفاق راءِ، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ۽ گذريل مهيني گروپ جي ??زارتي ڪانفرنس ۾ غذائي، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ فوري ۽ ڍانچاجاتي قدمن تي هڪ موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ خاص طور تي قابل ذڪر آهن جن سان پائيدار ترقياتي هدف 2030ع ۽ ماحولياتي تحفظ جي ??اءِ پيرس معاهدي تي اڳڀرائي ۾ مدد ملي آهي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن سان اسان ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ گهربل فيصلا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ گروپ جي ??يمبرن کي گڏيل اتحاد، تعامل ۽ گڏيل ڪوششن کي جاري رکڻو پوندو ته جيئن پائيدار ترقياتي هدفن تي هلندڙ سال ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۽ ڪوپ 28 ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ گروپ جي ??الي مشڪلاتن جو شڪار 60 ميمبر ملڪن جي ??رضن ۾ ريليف ۽ ري اسٽرڪچرنگ، هڪ سئو کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن کي گهربل مالياتي رعايتن ۽ ل??ڪويڊٽي جي ??راهمي جي ??اءِ غيراستعمال ٿيل ايس ڊي آرز جي ري چينلنگ، بک جو شڪار 25 ڪروڙ ماڻهن کي خوراڪ جي ??راهمي، ماحولياتي تبديلين جي خطرن جو شڪار ملڪن جي ??دد ۽ قدرتي آفتن سان تباهي کانپوءِ انهن جي ??ئين سر تعمير ۾ معاونت خاص طور تي قابل ذڪر آهن.