اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن ج?? سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ??رچوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي ??وقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن ج??ڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن ج?? هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان ج?? سڀ کان ??ڏي ورچوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن ج?? اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين ج?? خبرن ۽ حالات حاضره جي ??روگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر د??را?? ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان ??ڏي ورچوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان ج?? حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي ??يام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن ج?? حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ??يدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.