اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي ه?سلاٹ_فادر/121620.html">?ڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، امي?? آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ ا??هن جي سهولتڪارن ??ي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي ج??هن تي ويجهي کان نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ميڊيا رپورٽس موجب طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.