اسلام آباد- 18 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خاندانن ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي رقم انهن خاندانن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ??ور??ارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن، شازيه مري چيو ته تقريبن 4 ملين ٻار صحت جي خدمتن تائين پهچ کان محروم آهن، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪردار کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي پاڪستان ۾ صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 15 ضلعن ۾ ”مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام“ ”نشو ??ما“ جوڙيو آهي، هي پروگرام بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ پهرين کان داخل ٿيل ??ور??ارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي هڪ جامع پيڪيج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ ويم، کير پياڪ ۽ ننڍن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي طريقن بابت آگاهي سيشن، پي ايل ڊبليو ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي خاص غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي، وقت کان پيدائش ۽ پوءِ جي پيدائش جي سارسنڀال جون خدمتون، معمول موجب ٻارن جي نشو ??ما جي نگراني ۽ حفاظتي ??ڪن جو ڪورس شامل آهي. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي ڪمرشلائيزيشن جي حڪمت عملي جي رول آئوٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، وڌيڪ ڊبليو ايف پي مستحقين کي بينظير نشو ??ما پروگرام کان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي ??ڻ ڪم ڪري رهي ته جيئن ڊبليو ايف پي کانسواءِ پڻ پاڪستان پنهنجي صحت جي نظام جي اندر اسٽنٽنگ جي روڪٿام لاءِ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ ايندڙ آفتن لاءِ بهتر حڪمت عملي لاءِ تيار آهي پر دنيا کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي وقت ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ڇو ??ه موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت آهي جيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آبادي کي متاثر ڪندي آهي.