اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪيو ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ ??انپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي ??والي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي ??والي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي غور ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادارن جي ??وڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اين ڊي ايم ??ي ??ي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سي??ٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطرن جي ??عين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي ??نعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي ??هميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي ??والي سان ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ايمرجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ??يسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي ??اطري ڪرائي. اين ڊي ايم اي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي ??ميد ظاهر ڪئي.