مظفرآباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 75 هين تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج مظفرآباد ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ، شاگردن ملي نغما?? ترانو ۽ ڏينهن جي مناسب سان تقريرون ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، تقريب ۾ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ جان جاکوڙيندڙن کي خراج تحسين، جڏهن ته شهيدن جي لاءِ دعا ڪ??ي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي اداري جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم چيو ته اسان آزاد آهيون ۽ آزادي شعور ۽ ذميواري جي ??هر?? ڪري ٿي، هر هڪ کي پنهنج??ن ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، پنهنجي حصي جو ڪم ڪريو، ٻين تي تنقيد نه ڪريو، پنهنجو پاڻ کان پڇو ته توهان اڄ ڇا ڪيو، آزادي جا 75 سال خود احتسابي ۽ شڪر جا ??هر??ائو آهن، يوم تاسيس جي ان خصوصي پروگرام جو اهتمام تاريخ جي شعبي پاران ڪيو ويو هو، تقريب جو ميزبان پروفيسر ملڪ عرفان هو، تقريب جي پهرين حصي ۾ شاگردن ملي نغما?? ترانا ۽ ڏينهن جي مناسبت سان تقريرون پيش ڪيون جڏهن ته تقريب جي ٻئي حصي ۾ پروفيسر اعجاز نعماني، پروفيسر هارون قريشي ۽ مرڪزي ايڪٽا جي صدر پروفيسر طارق سليم خطاب ڪيو.