خضدار – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر جان مينگل سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خضدار جي علائقي وڍ ۾ سردار اختر جان مين??ل جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس چاچي سردار زاده مهرالله مين??ل جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳ??اڻ به موجود هئا.