اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان سان قانوني مدد جي حوالي سان لکت معاهدو نه رکندڙ ملڪن پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون ??بو?? ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدا??ت ڪئي آهي ته حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي حوالي سان بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وفاقي ڪابينا جي ا??لاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ بحث هيٺ آئي. ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي ۾ مفاهمت جا مسئلا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا. جن بئنڪن پاران حاجي سڳورن جي حڪومتي ڪوٽا تي اوور بڪنگ ڪئي وئي هئي، انهن بئنڪن پاران حاجي سڳورن کي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اها هدا??ت ڪئي ته انهن بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بئنڪن کي پنهنجو ڪم موڪل واري ڏينهن به جاري رکڻ جي ل??ءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدا??ت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اهڙن ملڪن جن سان پاڪستان جو قانوني مدد جي حوالي سان ڪو لکت وارو معاهدو نه آهي پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون ??بو?? ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي. وفاقي ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئون دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي قطعي حمايت نه ٿو ڪريان. وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي بجلي سان هلندڙ پنکن جي ل??ءِ گهٽ ۾ گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ جي مدي ۾ 30 جون 2023ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدا??ت ڪئي ته ان حوالي سان 30 جون 2023ع کان اڳ گهٽ کان گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ کي بهتر ڪوالٽي تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا ليجيسليٽو ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022ع جي ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. جن ۾ بائيو اسٽڊي رولز 2017ع جي رول 13 ۾ ترميم جي منظوري، اميگريشن آرڊيننس جي سيڪشن 15 ۾ ترميم جي منظوري، گئس چوري جي روڪٿام ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ترميمن جي منظوري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي سيڪريٽري جي جڳهه تي سروس رولز ۾ ترميمن جي منظوري، سولر اوزارن، اليڪٽرڪ موٽرز، پاور ٽرانسفارمر کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ شموليت شامل آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي جي 8 سيپٽمبر جي ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ ي??ٽي??ٽي ا??ٽورز ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي خريداري جي 54 ڪروڙ رپين جي منظوري، پاسڪو جي ايجنسين جي وچ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ذخيري جي ورڇ جي منظوري، افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني ا??پتالن ۾ اوزارن جي خريداري، پگهارن ۽ فعاليت جي ل??ءِ رقم جي منتقلي جي منظوري، ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي جي ل??ءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي منظوري شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت جي تعين ۽ يوريا جي ورڇ جي حوالي سان صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ل??ءِ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، ميري ٽائيم افيئرز واري وفاقي وزير فيصل سبزواري، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ واپار واري سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏنو ويو.