اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ ا??تصادي ترقي لاءِ اڀرندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪرڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن ۽ ا??ساني وسيلن جي تر??ي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ۾ قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سيکاري مختصر عرصي ۾ تيز رفتار سماجي ۽ ا??تصادي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، عورتن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، مختلف پيشن ۾ نوڪريون فراهم ڪري مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته عورتون تع??يم حاصل ڪرڻ کانپوءِ افرادي قوت جو حصو بڻجن ۽ ڪم ڪنديون رهن، رياست ۽ سماج عورتن جي تع??يم تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان عورتن لاءِ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ ۽ گهرن کان آن لائين خدمتون پيش ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، صدر چيو ته عورتن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪيا ويا آهن، ڪاروباري قرضن مان فائدو کڻندڙ عورتن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين انساني وسيلن کي ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيو، بهترين انساني وسيلن جي برآمد سان ملڪ ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي کوٽ واقع ٿي، ملڪ ۾ هنرمند انساني وسيلا برقرار رکڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن، صدر نوجوانن ??ي زور ڏنو ته هو نتيجا خيز پيشيوراڻي زندگي لاءِ علم ۽ هنر سان اعليٰ اخلاقي قدر ۽ معيار اختيار ڪن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غير تع??يم يافته غير هنرمند آبادي کي علم ۽ هنر فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ معاشري جي تع??يم يافته طبقن جي اضافي ذميداري آهي. صدر چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوجوان نسل جو ڪردار سڀني کان اهم آهي، پاڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا آهن جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 40 لک پناهگيرن کي 40 سالن تائين پناهه ڏني آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ان شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا وڃن ته جيئن ان دولت کي ملڪي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوزيشن هولڊرز ۾ ميڊلز ورهايا.