اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ??يم??ر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چو?? تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پن??نجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آهي. پن??نجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽ??ڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پن??نجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.