اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينئر ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت پاران جعلي الزامن تي فرد جرم لڳائڻ جي شديد مذمت ڪندي ان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت کي ??الاريل ڪشمير ۾ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته محمد ياسين ملڪ تي لڳايل من گهڙت الزامن کي ختم ڪري ان کي ??وري طور تي آزاد ڪيو وڃي، هن ڀارتي عدالت پاران محمد ياسين ملڪ تي غلط فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ياسين ملڪ غي?? قانوني طور تي قبضي هيٺ والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۾ سڀني کان نمايان ۽ قابل اعتراض آواز آهي، ڀارت ان کي ??وري تي آزاد ڪري ۽ ان کي ??نهنجي خاندان سان ٻيهر ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته سالن کان جاري ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان جي پختي عزم کي اهڙي غي?? منصفاڻي فيصلن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت کي ??الاريل ڪشمير ۾ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. ڀارت کي ڄاڻ هجي ته هو ڪشميري عوام کي ان جي خود??خت??اري واري حق جي استعمال کان سدائين لاءِ نٿا روڪي سگهن جيڪو انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڏنو ويو آهي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين ڀارت کي ??حمد ياسين سان ٿيندڙ ان سنگين ناانصافي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀارت کي ??الاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا.