لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته ق??بل آفيسر بنا شڪ جي ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ ملڪي ??رق?? ۽ خوشحالي ۾ سياسي حڪومت جي رهنمائي ڪندا آهن، جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هج?? يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سول ۽ انتظاميا جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڪيو ??ن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ آفيسرن وز??راعظم کي گورننس، انتظامي معاملن ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وز??راعظم شهباز شريف چيو ته دل جي گهراين سان توهان کي عيد جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي خوشقسمتي آهي جو هتي توهان جهڙا قابل آفيسر موجود آهن، بنا ڪنهن شڪ جي توهان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهيو، قابل آفيسر سياسي حڪومت جي ملڪي ??رق?? ۽ خوشحالي ۾ رهنمائي ۽ معاونت ڪندا آهن. هن چيو ته جيڪي ميگا پراجيڪٽس مڪمل ٿيا آهن اهي ميٽرو هج?? يا اورنج لائين آفيسرن ۽ ٻين حڪومتي اهلڪارن جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي، ڪپتان پنهنجي ٽيم کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت جي آڙ ۾ آفيسرن کي بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪري انهن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وز??راعظم چيو ته قومي خدمت اسان جو نصب العين آهي، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به ق??م جي ڪوتاه?? يا غفلت قبول نه آهي، الله مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، منهنجو اهو عزم آهي ته ق??بل آفيسرن سان گڏجي اهو سفر شروع ڪريان. هن چيو ته احتساب ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ قانونن جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، سول سرونٽس حڪومتي ٽيم جو حصو هوندا آهن انهن جي خدشن جو تدارڪ پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، اڳوڻن چيف سيڪريٽرين ۽ مختلف کاتن جي سربراهن مستقبل جي منصوبن، موثر بيورڪريسي جي ڪردار ۽ عوام کي مختلف شعبن ۾ ريليف جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون.