اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان ??ي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ ه??ي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر به سا??س گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نس?? در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.