ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙ?? هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستا?? سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبر?? سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس ب??نج??، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ م??جو?? هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيل?? سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙ?? هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بلوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.