ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي مزار تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي??دي ملڪ جي خدمت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد تي توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور توهان جي مزار تي حاضر ٿيو آهيان، اسان توهان کان مغذرت خواهه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن جي توهان کي اسان مان اميد ه??ي. ??هڙي طرح توهان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئون توهان سان پختو وچن ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي??دي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ ڪوشان ره??دس ته آئون توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.