اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتون سرا??جا?? ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حس?? بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آهي.