فيصل آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ مخصوص ٽولي پاران نواز شريف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به پاڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيا??ا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. فيصل آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي جائزي کانپوءِ گولڊ پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل آباد تي صح??فين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل قومن سميت عالمي ادارن واضح چيو آهي ته پاڪستان ڪوويڊ جي باوجود پنهنجي معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جي ڪري نمبر ??ن تي اچي چڪو آهي جتي ڪوويڊ دوران ڪاروباري مرڪز، بازارون، دڪانون، فيڪٽريون، تعليمي ادارا کليل رهيا، اهو ئي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڏورس سوچ ۽ حڪمت عملي خاص طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي پوري دنيا ساراهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ خوشخبري آهي ته 31 ڊسمبر 2021ع تائين 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسي نيشن جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو انهي کي انتهائي ڪاميابي ??ان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ اسد عمر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين سي او سي، صح?? کاتو، ڪورونا ويڪسين سينٽر جو عملو ۽ صح?? جو فيلڊ اسٽاف خراج تحسين جو مستحق آهي.