اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي و??ري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انسان?? امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي پرڏيهي و??ير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انسان?? امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي و??ري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ?? انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي و??جايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.