اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ بيانيو اهم شڪل اختيار ڪري ??يو آهي، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻو پوندو، ٽيڪنالاجي جي ڦهلاءُ کانپوءِ انفارميشن جي شعبي جي اهميت ۾ اضافو ٿيو، بي عالمي جنگ کانپوءِ اخلاقي معيار تبديل ٿيا ۽ هڪ نئين وار فيئر جي شروعات ٿي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ 2021ع جي پڄاڻي واري سيشن کي خطا ڪندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته تاريخ کي ڏٺو وڃي ته وائيڪنگز ۾ موريلٽي آف وار مختلف هئي، ان وقت جنگ جو اخلاقي معيار مختلف هو، نادر شاهه کي جڏهن خبر پئي ته هندستان ۾ ڪافي دولت آهي، هن هندستان تي حملو ڪيو، جڏهن هو واپس ويو ته هندستان جي دولت به پا?? سان گڏ کڻي ويو. هن چيو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اخلاقيات جا معيار تبديل ٿيا، هڪ نئين وار فيئر جي شروعات ٿي، آمريڪا افغانستان تي ڪجهه ڪلاڪن ۾ قبضو ڪري ??رتو هو، آمريڪي ايئر فورس افغانستان آئي ته طالبان جا ماڻهو ڀڄي ويا ۽ آمريڪا افغانستان تي قبضو ڪري ??رتو پر جڏهن آمريڪا افغانستان مان واپس ويو ته اتي ڪو متبادل نظام نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته اخلاقي معيار تبديل ٿيڻ جي ڪري 1950ع کانپوءِ ڪو ملڪ طاقت جي زور تي ڪنهن ٻي قوم سان الحاق نه ڪري سگهيو، رڳو عراق ڪويت تي قبضو ڪيو پر پوءِ عراق کي به واپس وڃڻو پيو، اهڙي طرح ايسٽ انڊيا ڪمپني به هندستان اچي ڦرلٽ ڪئي پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ان کي به وڃڻو پيو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي بنيادي اصول آئين ساز اسيمبلي آڏو پيش ڪيا، علامه اقبال اتر اولهه هندستان ۾ مسلم اڪثريتي علائقن ۾ هڪ سياسي يونٽ جوڙڻ تي زور ڏنو ڇو ته علامه اقبال ان وقت هندستان ۾ مسلمانن جي اها خراب حالت ڏسي رهيو هو جيڪا هاڻي بي جي پي حڪومت جي اندر مسلمانن جي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته علامه اقبال پوليٽيڪل نيشن اسٽيٽ جي جيڪا تشريح بيان ڪئي ان تي قائداعظم 1940ع ۾ قرارداد پا??ستان بڻائي. چوڌري ??واد حسين چيو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي قوم کي پنهنجي ڪهاڻي نه ٻڌائي سگهياسين، ڍاڪا سانحي جي وقت اسان آپريشنل غلطيون ڪيون، اسان سمورن فارن ڪارسپانڊنٽس کي ڍاڪا مان ڪڍي ڇڏيو، اسان اميد ڪري رهيا هئاسين ته هندستان ۾ ويهي غيرملڪي ڪارسپانڊنٽس اسان جي اسٽ??ري بيان ڪندا، ان وقت اسان ماڻهن کي اتي رکون ها جيڪي اسان جي ڪهاڻي ٻڌائين ها، اسان وٽ اهي ماڻهو ئي نه رهيا. هن چيو ته 69ع جي ڏهاڪي تائين پا??ستان دنيا جو ٽيون وڏو فلم ميڪر ملڪ هو، پا??ستان ۾ سئنيما گهرن جو انگ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي هو، 2005ع ۾ اسان فلم انڊسٽري ۾ زيرو تي اچي وياسين، هڪ فلم نه ٺهي رهي هئي، هن سال به اسان هڪ يا ٻه فلمون ٺاهيون آهن، جڏهن اسان جي فلم انڊسٽري ۾ زوال هوندو، ٽي وي ڊراما ۽ ميوزڪ نه هوندو، ڪلچر نه هوندو ته اسان پنهنجي ڪهاڻي ڪيئن ٻڌائينداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي هر ميڊيم کي نقصان پهچايو، اسان کي پنهنجو بيانيو مضبوط ڪرڻ ج?? لاءِ پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته جڏهن طالبان جي حڪومت ختم ٿي ته حامد ڪرزئي جي حڪومت آئي، افغانستان جي اندر ٽي وي چينل کلڻ شروع ٿيا، پا??ستان هڪ به ٽي وي چينل کي اسپانسر نه ڪيو، ان جي مقابلي ۾ اتي ٽي وي چينلز ڀارتي امداد سان هلي رهيا هئا. هن چيو ته پا??ستان کي پنهنجو سافٽ پاور بڻائڻ گهرجي ها. چوڌري ??واد حسين چيو ته پا??ستان ۾ 143 چينلز، 50 جي لڳ ڀڳ غيرملڪي چينلز ۽ هزارين يو ٽيوب چينلز آهن، ايڏي وڏي ميڊيا جي موجودگي ۾ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي ته پا??ستان ۾ ميڊيا آزاد نه آهي، مينار پا??ستان واقعي تي رڳو هڪ ڀارت ويب سائيت 600 وڊيوز ٺاهيون، نور مقدم ڪيس ۾ ڀارت جي ويب چينل هڪ ڏينهن ۾ 155 شارٽ ڪلپس هلايا، اهي ٻڌائڻ چاهيندا هئا ته پا??ستان ۾ ميڊيا ڪيتري انڊر پريشر آهي. هن چيو ته ڀارت باقاعده منظم پروپئگنڊه جي طور تي ان کي بيانيي طور پيش ڪري ??و، اها ماڊرن وار فيئر آهي، اڪانوميز کي اهڙي طرح سان متاثر ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن آئون 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيس ته ان کان اڳ آئون پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري اطلاعات هئس، پي ٽي آءِ جي ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم سرڪار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط هئي، بعد ۾ اسان ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جوڙي، اسان پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو پر اهي ننڍا ننڍا قدم آهن، اسان کي وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.