اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار کي فروغ ڏيڻ لا??ِ نئين م??ڊي?? جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واپار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون واپاري م??ڊي??ن آهن، جنهن تائين پهچ لا??ِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ لا??ِ نئين م??ڊي?? جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين واپار کي فروغ ڏيڻ لا??ِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين واپار جي فروغ لا??ِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين واپار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. جنهن سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپاري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ان حوالي سان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي تنهن ڪري اسان کي پنهنجي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.