اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي م??ظو??ي تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته ان بل سان صحافين کي پهريون ڀيرو اهڙا حق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين کي حاصل ??هن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو آه?? ته شيرين مزاري م??هنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.