اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، عالمي برادري افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي، پاڪستان، افغانستان جي واپاري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن تهران ۾ ايراني هم منصب ڊاڪٽر حس??ن امير عبداللهيان سان ملاقات دوران چئي. افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق ۽ ايران م مقرر پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي پن پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنه?? پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ??ه پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايران جي اعليٰ قيادت پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي مسلسل تائيد ۽ حمايت تي ايران?? پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانسدتان سمورن پاڙيسري ملڪن جي لاءِ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿو. 21 آڪٽوبر تي ڪيڪل پنهنجي ڪابل جي دوري جو حوالو ڏيند?? پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. هن چيو ??ه پاڪستان افغانستان لي پاواري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايران?? پرڏيهي وزير پاڪستان پاران شروع ڪيل علائقائي هڪمت عملي جي جوڙجڪ جي قدمن کي ساراهيندي ايران جي ميزباني ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻئي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ت?? پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا. ايران?? پرڏيهي وزير ڊاڪٽر حس??ن امير عبداللهيان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.