اسلام آباد ??? 14 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) عشره رحمت اللعالمين ﷺ جي سلسلي ۾ نعت خواني جو ڪل پاڪستان مقابلو ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. مذهبي معاملن وارو و??اق?? وزير پير نور الحق قادري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب خاص هئا.
ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا اعليٰ آفيسر به موج??د هئا. مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۽ ٻارڙين کانسواءِ 15 کان 25 سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٻن ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندڙ ثناءُ خوان مصطفيٰ شرڪت ڪئي. 15 سالن کان گهٽ عمر جي ڪيٽيگري ۾ سنڌ مان حسن علي شاهه ۽ ٻارڙين ۾ سنڌ مان ثنيه اول انعام حاصل ڪيا.
پنجاب صوبي مان علي رضا ۽ خيبرپختونخوا صوبي مان ايمان خالد ٻيو انعام حاصل ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخوا مان ئي حنيف محمد ۽ نورالهديٰ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، 15 کان 25 سالن تائين ٻي ڪيٽيگري ۾ ع??ير عالم ۽ عائشه اڪبر اول جڏهن ته خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ سعيد احمد شاهه ۽ مغيره بتول ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، پنجاب جي معين الحق ۽ سنڌ مان نور خان نعتيه مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، حوصلا افائي جو انعام نور کان محروم ٻارڙي حرا ڪائنات کي ڏنو ويو.