لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ??لڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزي??اع??م کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزي??اع??م چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.