اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان اوورسيز چيمبرز آ?? ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪا??وب??ري اعتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪا??وب??ر لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوورسيز چيمبرز آ?? ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪا??وب??ري اعتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020ع جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آ?? ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020ع جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪا??وب??ر خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.