اسلام آ??اد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن ??ان معاهدي تي عملداري جي لاءِ ميڊيا ٽربيونلز ??ان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ميڊيا ڪارڪنن کي قانوني دادرسي جو حق ڏيڻ ا??ان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ميڊيا ڪارڪن ۽ پب??ڪ انٽرسٽ ٽنهي جو تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.