اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪ??تا?? ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ ??هن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا?? کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تب??يل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ??ه انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضر??رت تي به زور ڏيندي چيو ??ه ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضر??رت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.