اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ح??ومت ۽ مخالف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي م??مبرن جي م??رري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمورين پارٽين جو اعتماد هجي، پاڪستان جي م??اد ?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظ??م لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به ح??ومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظ??م جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي اتفاق راءِ سياسي نظ??م کي استحڪام ڏيندو.