اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي ت??ريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي و??ير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي و??ير عمر ايوب خان، وفاقي و??ير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي ب?? تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي ت??انائي جي استعما?? کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چ??و ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي ت?? موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.