ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي پي اي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سندس آمد تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر ??ار?? علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايج??ڪي??ن ڪميشن جي مع??ار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي اي ايف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اد??ري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي ??وج??د استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.