اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ما??يء?? جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ما??يء?? عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سا??گا?? ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي اعليٰ معيار جي ما??يء?? کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سا??گا?? ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.