اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرح??ان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏي??دا?? پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ جمهوري حڪومت کي جمهوري ا??دا?? سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرح??ان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر ا??دا?? ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جمهوري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عث??ان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.