اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وف??قي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي رويي مان نه ٿو لڳي ته انهن کي ڪنهن ڳالهه جي فڪر آهي، ڪورونا جي ٻي ??هر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل ??لطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن پاڪستان ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ مستقب?? ۾ ??رپيش خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد عمر چيو ته حڪومت جي ل??ءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو. 11 جنوري 2021ع کان حالتون ڏسي اسڪولز کولڻ جو امڪان آهي.