اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبو پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدوف سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو?? ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪمانستان ٻه طرفي لاڳاپا، تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ۽ ٽي اي پي پاور ٽرانسميشن لائنز جي باري ۾ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي.