اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت گهرو وزارت جي صلاحيت وڌائڻ، شفافيت ۽ قابليت کي يقيني بڻائڻ ۽ مقرر مدي ۾ ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ?? پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته گهرو وزارت مسئلن جي موثر ۽ فوري حل لاءِ هٿ سان ڪم ڪرڻ جي موجوده نظام کي اي سسٽم ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، 204 صحفن تي مشتمل ان رپورٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 18 آگسٽ 2018ع کان 18 آگسٽ 2020ع جي دوران ڪيترن ئي شعبن ۾ حڪومت جي ڪاميابين ۽ سڌارن کي شامل ڪيو ويو آهي، وزارت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ وزارت ۽ ان سان جڙيل کاتن ۽ علائقائي آفيسن ۾ سهولتڪاري ڊيسڪ ۽ وزارت ۾ انفارميشن ڪائونٽر قائم ڪيا آهن، وزارت موثر ۽ آسان ط??يق?? سان خدمتن جي فراهمي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده ط??يق??ڪار ۾ به ترميم ڪئي آهي، ط??يق??ڪار ۾ ترميم جو مقصد لاقانونيت کي ختم ڪرڻ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.