اسلام آباد – 19 ??گس?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ففٿ جنريشن وار جو هدف ملڪ ۾ افراتفري ۽ نااميدي پيدا ڪرڻ هو??دو آهي، قوم ترقي ج?? راهه تي هلي رهي آهي ۽ معيشت بحال ٿي رهي آهي، ملڪ لاءِ بهترين خبرون اچي رهيون آهن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ سٺي خبر مخالف ڌر لاءِ بري خبر آهي، ثابت قدمي سان عوام ڏکي وقت ۾ جمهوري حڪومت جو ساٿ ڏنو، هاڻي مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون، پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ عوام جا نمائندا عوام جي سامهون جوابده هجڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، مافياز کي نه ڇڏينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جو اڄ گذريل ڏينهن ک??ن بهتر ۽ ايندڙ ڏينهن اڄ کان بهتر هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائ?? رابطن واري وفاقي وزير فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص مددگار نديم بابر ۽ وزيراعظم جي بجلي بابت خاص مددگار شهزاد قاسم سان گڏ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي سلسلي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.