اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته پي آءِ اي جهڙن قومي ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪيو ويو، هن وقت پي آءِ اي سميت سيرين ايئر لائين ۽ ٻين نجي ايئر لائنز جا پائليٽس ڇنڊڇاڻ جي عمل مان گذري چڪا آه?? ۽ تصديق ٿيل ڊگريون رکندڙ آه??، عوام اعتماد رکي، جهاز اڏائيندڙ سمورا پائليٽس جانچ کانپوءِ ڪليئر آه??، پي آءِ اي سميت سمورن ادارن جي ساک بحال ڪنداسين، جنهن اداري کي هٿ لڳايون ٿا ان ۾ مسئلا آه??، وفاقي وزير سيد علي زيدي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح مسافرن جو تحفظ آه??، سول ايوي ايشن جي لائسنسنگ ??ٿا??ٽي جي پنج خاص ماڻهن کي معطل ڪيو ويو آه??، ضابطي جي خلاف ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن جو ڪڙو احتساب ٿيندو، احتساب ??و عمل سدائين م??ان کان شروع ٿيندو آه??، گذريل 10 سالن ۾ ٻنهي حڪومتن م??ڪي تشخص کي نقصان پهچايو، پيپلزپارٽي کي عوام کان ڦريل ڳڀي، لٽي ۽ اجهي جو جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪريون ٿا، شاهد خاقان عباسي 20 ارب روپين جي سبسڊي ڏيڻ جي معاملي جو اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، اسان جي ڪوشش آه?? ته کنڊ جي قيمت عوام جي پهچ ۾ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.