اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته آئون مديني جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏن?? هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي ع??يم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي ع??يم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. و??ير??عظم عمران خان ”مديني جي رياست ۽ اسلام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي گهڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه هئي، آئون رڳ?? والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.