اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ س??ود بن عبدالرح??ان بن فيصل الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قطر جي سفير قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مختلف سرگرمين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن انهن مضبوط لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن يج گڏيل عزم جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم 2022ع ۾ تاريخي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪس??ان?? عوام جي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تي قطر جا ٿورا مڃيا. قطري سفير ڀائراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان سلسلي ۾ قطر پاران تعاون جي خاطري ڪرائي. واضح رهي ته قطر اٽڪل 250000 پاڪس??ان??ن جي ميزباني ڪري ٿو جيڪي ٻن??ي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ساڪل پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه آهي. ٻئي ملڪ ان سالگرهه کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.