اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪندي چيو آه?? ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آه?? ته حڪومت شهرين کي پاڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس آه?? ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پا??ان ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.